اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته قومي ??سي??بلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي جنهن ۾ اجلاس 12 کان 14 آگسٽ جي وچ ۾ گهرائڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ جي عمل جي لاءِ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا، ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان رزلٽ ٽرانسميشن سسٽم (آر ٽي ايس) فيل ٿيڻ تي حڪومت کي انڪوائري جي درخواست ڪئي آهي. هو سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو ته آئيني گهرج آهي ته 15 آگسٽ تائين قومي ??سي??بلي جو اجلاس گهرايو وڃي، رڳو ال??ڪشن ڪميشن پاران نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو انتظار آهي، جيڪڏهن ال??ڪشن ڪميشن آف پاڪستان پاران 11 آگسٽ تي نوٽيفڪيشن ڪيو وڃ?? ٿو ته قومي ??سي??بلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي به گهرائي سگهج?? ٿو، جيڪڏهن قومي ??سي??بلي جو اجلاس 12 آگسٽ تي گهرايو وڃ?? ٿو ته ان ۾ نوان چونڊيل ميمبر ??سي??بلي جو حلف، اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ وزيراعظم جي چونڊ ٿيڻي آهي ان عمل جي مڪمل ٿيڻ ۾ ٽي کان چار ڏينهن لڳي سگهن ٿا.
قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي لاءِ سمري موڪلي ڇڏي آهي: سيد علي ظفر
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa