انقره -17 اپريل (اي پي پي) ترڪيھ جي پرڏيهي وزير ميولود چاوش اولو چيو آهي، ته ترڪيھ هڪ خودمختيا?? ملڪ آهي، جيڪو ڪنهن جي نقش قدم تي ناهي هلندو. ترڪيھ جي خابرو اداري مطابق هن ضلع انتظاميه جي تعلقي دوشيم آلتي ۾ افطار پروگرام ۾ شرڪت ڪئي. هن چيو ته اسان هڪ طاقتور حڪومت ۽ ملت آهيون. هن ڏکيائي مان به سرخرو ٿي نڪرنداسين. پرڏيهي وزير چيو ته دنيا جون ڪيتريون ئي جنگيون ترڪيھ جي ويجهن علائقن ۾ ٿ?? رهيون آهن ۽ ترڪيھ انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪر?? رهيو آهي. هن چيو ته جنگين ۽ بحرانن جي اثرن کي گهٽائڻ لاءِ ترڪيھ جو استحڪام انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته هر شعبي ۾ پنهنج?? ملڪ کي اڳيان رکنداسين. هن چيو ته اسان پنهنجي ڳالهين جي ميز پاڻ ترتيب ڏين??ا آهيون ۽ پنهنجي مفادن جي ابتڙ ڳالهين کي ختم ڪرڻ جا قائل آهيون.
مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔