ولنيئس -12 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪي صدر جوبائ??ڊن سوئ??ڊن جي نيٽو ۾ شموليت جي مخالفت ختم ڪر?? تي پنهنجي ترڪ هم منصب رجب طيب اردگان جو شڪريو ادا ڪيو آهي ۽ ان جي همت ۽ دليراڻي قيادت جي تعريف ڪئي آهي ۽ سندس ان فيصلي کي هڪ وڏي ??فارتي ڪاميابي قرار ڏنو آهي. سعودي خابرو اداري مطابق هن لٿوانيا جي گادي واري هنڌ ولنيئس ۾ نيٽو جي ٻن ڏينهن واري سربراهه اجلاس جي موقعي تي ترڪ صدر اردگان سان ملاقات دوران چيو ته مان اوهان جي سفارتڪاري ۽ ان کي اڳيان وڌائڻ لاءِ اوهان جي همت ۽ حوصلي تي توهان جو شڪرو ادا ڪر?? چاهيان ٿو. فرانسيسي خابرو اداري مطابق آمريڪي اختيارين ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته ترڪ صدر جي ان فيصلي کان پ??ءِ آمريڪا طرفان ترڪيه کي ايف16 ويڙهاڪ جهازن جي فراهمي وارا قدم تيز ڪيا ويا آهن. واضح رهي ته اولهه گادي واري هنڌ ترڪ صدر طرفان سوئ??ڊن جي ميمبر شپ جي راهه م رڪاوٽ وجهڻ تي مايوسي ۾ اضافو ٿي رهيو هو. سوئ??ڊن جي اتحاد ۾ شموليت جي ڪوشش کي مڪمل ٿيڻ لاءِ نيٽو جي ميمبرن جي گڏيل منظوري گهربل هئي. سوئ??ڊن گذريل سال يوڪرين تي روس جي فوج جي حملي جواب ۾ فن لينڊ سان گڏ ملي نيٽو جي ميمبرشپ لاءِ ڪوشش شروع ڪئي هئي پر ترڪيه ۽ هنگري ان جي مخالفت ڪري رهيا هئا.
آمريڪي صدر سوئيڊن جي نيٽو ميمبرشپ جي مخالفت ختم ڪرڻ تي ترڪيه جي هم منصب جو شڪريو ادا ڪيو
مضمون کا ماخذ : números da sorte loteria