ٽوڪيو – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) جاپان جي ماهرن ڪارالجي ذريعي اونهي سمنڊ مان سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب جاپاني جي سامونڊي علائقي سان لاڳاپيل اداري (آءِ ايڇ آءِ) ج?? ماهر ڪارالجي استعمال ڪري اونهي سمنڊ مان سون گڏ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا آهن. هنن ٽ??ڪيو کان اٽڪل چار سو ڪلو ميٽر ڏکڻ ۾ آئوگاشيما نالي ٻرندڙ جبل واري ٻيٽ ۾ ست سو ميٽرن جي اونهائي ۾ هائيڊرو ٿرمل وي??ٽ مان اهو سون گڏ ڪيو آهي. وي??ٽ سمنڊ جي تهه ۾ کلندڙ هڪ جاءِ کي ??ئبو آهي جنهن مان معدنيات سان ڀرپور گرم پاڻي وهندو آهي. ان وي??ٽ جي پاڻي جي گرمائش اٽڪل 270 ڊگري سيلسيس آهي، ماهرن ان جاءِ جي چونڊ ان ڪري ڪئي جو اڳ ۾ ڪيل تحقيق مان خبر پئي ته ان هائيڊرو ٿرمل جي آس پاس پهاڙن ۾ سون گهڻي مقدار ۾موجود آهي.
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔