تل ابيب- 06 في??روري (اي پي پي) اسرائيل جي هوا??ي ڪمپني العال آئرلينڊ ۽ مراڪش لاءِ سڌي ريت اڏام ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. العربيه موجب اسرائيل جي قومي هوا??ي ڪمپني العال غزه جنگ کان پوءِ مسافرن جي انگ ۾ گهٽتائي جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ڪمپني ايندڙ گرمي جي موسم لاءِ آئرلينڊ جي گادي واري شهر ڊبلن ۽ مراڪش لاءِ پنهنجي سڌي ريت اڏام ٻيهر شروع نه ڪندي. العال پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊبلن لاءِ اڏامون گذريل مارچ ۾ شروع ڪيون ويون هيون ۽ نومبر تا??ين جاري رهڻيون هيون پر غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ جي ڪجهه هفتن بعد ان روٽ تي اڏامون ملتوي ڪيون هيون . بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته آڪٽوبر ۾ مراڪش جي سفر جي حوالي سان اسرائيلي حڪومت جي ايڊوائزري کانپوءِ ان شهر لاءِ اڏامون ملتوي ڪيون ويون هيون.
مضمون کا ماخذ : خیبر پختونخوا لاٹری