اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪ??ر طارق فضل چوڌري ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳوان قومي اسيمبلي ميمبر دانيال عزيز چيو آهي ته پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي حوالي سان ??مورا قانوني اسحتقاق ??ست??مال ڪندي ۽ اعليٰ عدليه مان ??رخرو ٿيندي، پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ تحريڪ انصاف سميت سموريون سياسي پارٽيون تنقيد کان ??ڳ رپورٽ جي نقطن تي قانوني ماهرن کان مشورو ڪري وٺن ته ب??تر ٿيندو، نقطن ۾ جي آءِ ٽي وزيراعظم جي حوالي سان ڪا حتمي راءِ ناهي ڏني، امڪان ??هي ته جا لفظ ??ست??مال ڪيا، ميڊيا کي گذارش آهي ته اها جي آءِ ٽي جي نقطن کي پنهنجي اسڪرينن تي ڏيکاري. هڪ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڊاڪ??ر طارق فضل چوڌري چيو ته سپريم ڪورٽ ٽيڪس چوري، مني لانڊرنگ، قومي دولت ڦرڻ جهڙن 7 الزامن جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي پر ان ??والي سان ??پورٽ ۾ هڪ لفظ به موجود نه آهي ۽ نه ئي بابت الزام جي آءِ ٽي کي مليا آهن. هن چيو ته ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته وزيراعظم جي پاڪستان ۾ سياسي ڪيريئر دوران ه??يل منصوبن ۾ بدعنواني جو ڪو الزام ئي ثابت ڪن ها، جي آءِ ٽي اختيارن کان ه??ي ڪري وزيراعظم جي خاندان کي گهرايو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۾ مريم نواز جو نالو نه هو پر کيس به گهرايو ويو.
جي آءِ ٽي رپورٽ جي حوالي سان سمورا قانوني اسحتقاق استعمال ڪنداسين: طارق فضل/ دانيال عزيز
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو