اسلام آباد – 04 اپريل (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي والاريل ڪشمير ۾ خودمختياري واري حق لاءِ عوام جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڀارتي بربريت جو معاملو ٻه طرفي ۽ گهڻ طرفي فورمن تي کڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، اجلاس ۾ پرڏيهي وزير خواجه ??حمد آصف، گهرو وزير احسن اقبال، وزيراعظم جي ناڻي واري صل??حڪار مف??اح اسماعيل، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود حيات، چيف آف آرمي اسٽاف جنرل قمر ج??وي?? باجوه، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي، پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل مجاهد انور خان، ڊائريڪٽر جنرل آءِ ايس آءِ لي??ٽي??نٽ جنرل نويد مختار، قومي سلامتي واري صل??حڪار لي??ٽي??نٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران والاريل ڪشمير جي عوام جي حمايت جاري رکڻ جي عزم
مضمون کا ماخذ : اضافی مرچ