اسلام آبا?? – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آه?? ته پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جي ڏ?? ۽ درد جو احساس نه آهي، غريبن جي درد جي احساس جي دعويٰ ڪندڙ پرڏيهي ملڪ پنهنجي محلاتن ۽ فائيو اسٽار هوٽلن ۾ عياشيون ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، اڄ کان پهرين ڪنهن حڪومت فوٽ پاٿن ۽ پارڪن تي سمهندڙن جو احساس ناهي ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ اها حڪومت انهن جي ڏ??ن تي مرهم رکي رهي آهي، هن ملڪ جي عوام کي ماضي جي حڪمرانن بدعنواني، مني لانڊرنگ ۽ غريبن جو رت چو??ي عوام کي ڏ?? ڏنا، وزيراعظم عمران خان بهترين طريقي ۽ پرعزم انداز ۾ غريب عوام جي ڏ??ن جو ازالو ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي. مديني جي رياست وانگر فلاحي رياست طرف اڳڀرائي جو اهو سفر جاري رهندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئي اليون پناهگاهه جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
پناهگاهن ۽ لنگر خانن جو مذاق اڏائيندڙن کي غريبن جو احساس نه آهي: ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس