اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص صلاحڪار ڊاڪٽر ظفر مرزا چيو آهي ته هن وقت ڪورونا وائرس دنيا جي 186 ملڪن ۾ پکڙجي چڪو آهي ۽ 2 لک 77 ه??ار کان وڌيڪ ڪيس رپورٽ ٿيا آهن جڏهن ته سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس سبب 11431 فوتگيون ٿيون آهن، 2 لک 77 ه??ار ڪيسن مان 92 هز??ر مڪمل طور تي صحتياب ٿي چڪا آهن. ڪورونا وائرس سبب صحتيابيءَ جو تناسب 97،98 سيڪڙو آهي. وزيراعظم جي قومي سلامتيءَ بابت صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف ?? اين ڊي ايم اي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضال سان گڏ ميڊيا بريفنگ کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪورونا وائرس جي شڪي ڪيسن جو انگ 4046 آهي.
مضمون کا ماخذ : فا فا فا ۔