اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين چيو آهي ته شهباز شريف لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي، جهڙي طرح هو عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، پوري دنيا جو ڌيان هن وقت افغانس??ان تي آهي جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ان بابت هڪ لفظ نه چيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهباز شريف جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ظاهر ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڄ صبح شهباز شريف قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي کل جوڳي پريس ڪانفرنس ڪئي، کيس مشورو آهي ته جيڪڏهن کل ڀوڳ جي موڊ ۾ هجي ته اهڙي جڳهه تي نه وڃي پر پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪر??. چوڌري فواد ح??ين چيو ته هو لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان واپس گهرائي، شهباز شريف جو ڀاءُ وطن واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏي. هن پنهنجي ڏوهٽي جي شادي تي هڪ ملين ڊالر خرچ ڪيا ۽ رات جو شهباز شريف ۽ نواز شريف پاڪستاني عوام جي لاءِ مهانگائي تي ڳوڙها واهيا، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته هو پاڪس??ان جي مسئلن بابت سنجيده نه آهن. هن چيو ته انهن جو خاندان اربين رپين جون عياشيون ڪر?? رهيو آهي هڪ تقريب تي ڪر??ڙين رپيا خرچ ڪر?? رهيو آهي، ٻئي طرف توهان مهانگائي جو گوڙ ڪر?? رهيا آهيو، مهانگائي سميت سمورين حالتن کي عوام کي منهن ??يڻ?? آهي، انهن کي لنڊن ۾و يهي پاڪستاني عوام جي جيتري پرواهه آهي اسان کي خبر آهي. اطلاعات واري وزير چيو ته شهباز شريف جي خلاف ڪيسن جي جيڪا صورتحال آهي ان ۾ هو سياست ڇڏي ڏي ۽ پنهنجي وڪيلن سان گڏ وڌيڪ وقت گذاري، جهڙي طرح جون حالتون آهن لڳي نه ٿو ته هو گهڻو عرصو جلسن کي خطاب ڪر?? سگهندو، ان جي خلاف مضبوط ڪيسز آهن جلد ئي انهن جو فيصلو ٿيندو. هن چيو ته (ن) ليگ جي سياست جي منافقت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته انهن افغانس??ان جي صورتحال تي ڪا ڳالهه نه ڪئي، هو چاهين ٿا ته نواز شريف برطانيا ۾ خوش رهي ۽ برطانيا ۽ آمريڪا انهن کان خوش رهن. هن چيو ته جهڙي طرح اهي عالمي طاقتن جي خوشنودي حاصل ڪرڻ چاهين ٿا اهو شرم جو سبب آهي، شهباز شريف کي گهرجي ته في الحال سياست تي گهٽ ڌيان ڏي ڇو ته سندس پارٽي ۾ اهو ٽاس ٿي رهيو هوندو آهي ته هن مهيني هو صدر آهي، اڳئين ڀيري مريم نواز ۽ ان کان اڳئين ڀيري شاهد خاقان عباسي صدر هوندو.
شهباز شريف لکين ماڻهن جو اسلام آباد ۾ ميڙ ڪرڻ بدران پنهنجي ڀاءُ کي برطانيا مان وطن واپس گهرائي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania