اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي ملڪيتن جي ملڪ??تي حق فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي، اسلام عورتن کي جائيداد جي مالڪاڻا حق ڏنا، پر افسوس جو ڪجهه حصن ۾ حقن کان محروم رکيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي ملڪ??تي حقن جي ح??ال?? سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم، قانون ۽ انصاف واري پارلياماني سيڪريٽري مليڪه بخاري، حراست جي خاتمي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق ۽ محتسب ??نجاب نيبلا علي خان شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وفاق، پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه پاران پاس ڪيل عورتن جي ملڪ??تي حقن جي لاڳو ڪرڻ جي ايڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي حراسيت جي خاتمي واري وفاقي محتسب ڪشمالا طارق چيو ته حراست جي خاتمي واري وفاقي محتسب کي وومين پراپرٽي رائٽس ايڪٽ 2020ع جي لاڳو ڪرڻ کانپوءِ 116 شڪايتون مليون جن مان 15 ڪيسز التوا هيٺ آهن جڏهن ته باقي لاڳاپيل کاتن کي ڪارروائي جي لاءِ موڪلي ڇڏيا ??هن. محتسب ??نجاب نبيلا علي خان اجلاس ۾ ٻڌايو ته محتسب ??نجاب کي 250 ڪيس مليا ??هن، ازالي جي لاءِ سنجيده قدم کنيا پيا وڃن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورتن کي جائيدادن جا ملڪ??تي حق فراهم ڪري بااختيار بڻائڻ جي ضرورت اهي، اسلام عورتن کي جائيداد جا مالڪاڻا حق ڏنا آهن، پر افسوس جو ملڪ جي ڪجهه حصن ۾ حقن کان محروم رکيو ويو آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته قانونن تي عملدرآمد سان عورتن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي، عورتن جي ملڪ??تي حقن جي تحفظ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي محتسب ادارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي. اجلاس ۾ ميڊيا ??ريعي آگاهي مهم هلائڻ، عالم سڳورن جي مدد سان ماڻهن ۾ عورتن جي مالڪاڻن حقن جي تحفظ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.
صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ عورتن جي ملڪيتي حقن بابت اجلاس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار