لاهور – 05 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چ??و آهي ته تمام جلد ملڪ ۾ ڊيجيٽل انقلاب ايندو، ا??ان جو ميڊيا ريگيوليٽري سسٽم پراڻو آهي، ميڊيا ۾ نئين ايندڙن جي تربيت ضروري آهي، اهڙا ميڊيا قانون هجڻ گهرجن جو ڪير ان کي ذاتي مفادن جي لاءِ استعمال نه ڪري سگهي، صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن جي عزت پائمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، سمورن ادارن کي پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪرڻو پوندو، حڪومت مثبت صحافت جي فروغ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻ?? رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پريس ٽرسٽ جي اهتمام هيٺ ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موجوده دور ڊيجيٽلائيزيشن جو آهي جنهن ۾ ميديا جي اهميت ڪرنگهي جي هڏي وانگر آهي. هن چ??و ته موجوده دور هٿيارن ??ان وڙهي ويندڙ جنگ جو نه پر ميڊيا وار جو دور آهي، ڀارت نور مقدم ڪيس تي وڊيو تيار ڪري پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. چوڌري فواد حسين چ??و ته ا??ان کي پنهنجي ميڊيا قانونن ۾ بهتري آڻڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته رپورٽر کي واقعي جي رپورٽ ڪرڻ وقت مڪمل طور تي غيرجانبدار هجڻ گهرجي ته جيئن خبر جي اصل حقيقت ختم نه ٿئي، ان جي لاءِ تربيت ضروري آهي. هن چ??و ته بدقسمتي ??ان ا??ان جا اڪثر رپورٽرز پنهنجو پاڻ کي تجربيڪار سمجهڻ شروع ڪري ڇڏين ٿا ۽ اهي هر خبر کي پنهنجي انداز ??ان پ??ش ڪرڻ چاهين ٿا جيڪو مثبت صحافت جي لاءِ موزون نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قانون ڪنهن شخص جي تذليل جي اجازت نه ٿو ڏي، صحافت جي آڙ ۾ ڪنهن جي عزت پائمال ڪرڻ جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته تازو ئي هڪ عورت قومي اسيمبلي ميمبر تي انتهائي شرمناڪ انداز ۾ صحافت جي آڙ ۾ ڪيچڙ اڇاليو ويو، ڪو مهذب معاشرو اهڙي قسم جي الزام بازي جي اجازت نه ٿو ڏي. هن چ??و ته هاڻي اهو نه ٿو ٿي سگهي ته اهڙي قسم جو فعل ڪندڙن کي صرف لک رپيا ڏنڊ ادا ڪري ڇڏيو وڃي. چوڌري فواد حسين چ??و ته اهڙي قسم جي واقعن تي ضابطو نه آندو ويو ته هتي جنگل جو قانون بڻجي ويندو. هن چ??و ته هڪ مقامي اخبار پشاور واقعي کي مذهبي فرقيواريت جو رنگ ڏيڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي جنهن کي صحافت جي آزادي نه ٿو چئي سگهجي، اهڙن معاملن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چ??و ته حڪومت اظهار راءِ جي آزادي جي آڙ ۾ ٻين جي پڳڙي اڇالڻ جي واقعن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ صحافت کي جديد گهرجن ??ان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ”پيڪا“ قانون متعارف ڪرايو پر بدقسمتي ??ان ان تي اعتراض اٿاريا ويا. هن چ??و ته پاليسي ٺاهڻ جا اختيار عدليه کي منتقل نه ٿا ڪري سگهجن اهو رڳو پارليامينٽ ۽ حڪومت جو اختيار آهي، اعليٰ عدالتن کي گهرجي ته پارليامينٽ جي پاس ڪيل قانونن تي غور ڪن يا ان کي ختم ڪرڻ جي لاءِ اعليٰ عدليه جي فل ڪورٽ بئنچ جوڙي وڃي. چوڌري فواد حسين چ??و ته ا??ان ان ڳالهه ??ان مڪمل اتفاق ڪريون ٿا ته ميڊيا قانون اهڙا نه هجڻ گهرجن جن کي ڪا به حڪومت ٻانهن مڙوڙڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهي، حڪومت ڪوشش ڪئي پيمرا ۾ ڪائونسل آف ڪمپلينٽ ۾ 50 سيڪڙو ماڻهو ميڊيا پاران چ??نڊيا وڃن ۽ 50 سيڪڙو حڪومت جي نمائندگي هجي ته جيئن جلد انصاف مهيا ڪري سگهجي پر ان ڪوشش کي به سياست جي ور چارهيو ويو. هن چ??و ته مخالف ڌر سياسي مفادن جي لاءِ رڪاوٽون وجهڻ شروع ڪيون ۽ ان کي لاڳو ٿيڻ نه ڏنو ويو. چوڌري فواد حسين چ??و ته عالمي معيار تي پورو لهڻ جي لاءِ ميڊيا ۾ سڌارا آڻڻ ضروري آهي. هن چ??و ته حڪومت مثبت صحافت جي فروغ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻ?? رهي آهي، نئين صحافين کي صحافت ۾ تمام گهڻا چئلينجز درپيش هوندا جن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت سمورن پريس ڪلبز ۾ ڊيجيٽل اسٽوڊيوز قائم ڪر?? رهي آهي ته جيئن نئين صحافين کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار ڪري سگهجي. ميڊيا ٽرينگ ورڪشاپ ۾ سينيئر اينڪر سهيل وڙائچ، سينيئر اينڪر اينڊ اينالسٽ ارشاد عارف، چيئرپرسن ۽ ايسوسيئيٽ پروفيسر پنجاب يونيورسٽي سويرا شامي، عمر فاروقي، نيشنل پريس ٽرسٽ جي چيئرمين منير احمد خان ۽ امجد پرويز ملڪ شرڪت ڪئي. بعد ۾ صحافين کي ڊيجيٽل ميديا بابت ٽريننگ ڏني وئي.
تمام جلد ملڪ ۾ ڊيجيٽل انقلاب ايندو، اسان جو ميڊيا ريگيوليٽري سسٽم پراڻو آهي، ميڊيا ۾ نئين ايندڙن جي تربيت ضروري آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت