اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي باري ۾ پاڪ??تا?? جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ڀارت ??ان لاڳاپن جي حوالي ??ان ڏنل ريمار??س جي حقيقتن کان هٽي ڪري تشريح ڪئي پئي وڃي ۽ اُن کي غلط طريقي ??ان پيش ڪيو پيو وڃي، پرڏيهي آفيس جي ترجمان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪ??تا?? جي ڀارت بابت پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي جنهن تي قومي اتفاق راءِ آهي، پاڪ??تا?? سدائين ڀارت سميت پنهنجي پاڙيسرين ??ان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن جو خواهشمند رهيو آهي، ترجمان چيو ته پاڪ??تا?? ڄمون ۽ ڪشمير جي بنيادي تڪرارن سميت سمورا حل طلب مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ مسلسل تعميري ۽ نتيجا خيز ڳالهين جي وڪالت ڪئي آهي، تنهن هوندي به ڀارت پنهنجي دشمني ۽ رجعت پسنداڻي قدمن ??ان ماحول کي خراب ڪيو آهي ۽ امن ۽ تعاون جي امڪانن کي روڪيو آهي، ڀارت تي اها ذميداري لاڳو ٿئي ٿي ته هو بامعنيٰ ۽ نتيجا خيز ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي، ترجمان چيو ته پرڏيهي وزير 5 ??گس?? 2019ع کان والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين جو حوالو ڏيندي پاڪ??تا?? جو موقف واضح طور تي بيان ڪيو ۽ ڀارتي قدمن کي ڪشميري عوام جي حقن تي حملو قرار ڏنو، پرڏيهي وزير ان ??ان گڏوگڏ ڀارت ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جو به ذڪر ڪيو جنهن ڀارت ??ان بامعنيٰ ڳالهين لاءِ هڪ غير ساز ماحول پيدا ڪيو آهي، پرڏيهي وزير جي ريمارڪس کي تڪرارن جي حل لاءِ ان جي اهم پيغام جي مجموعي تناظر ۾ بهتر طور تي سمجهيو ويندو آهي جنهن تي هن ٿنڪ ٽينڪ جي تقريب ۾ پنهنجي خطاب ۾ زور ڏنو هو.
ڀارت جي باري ۾ پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ