اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته حقيقت کان هٽي ڪري بيانن کي پيش ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ميڊيا ۾ ش??يع/ نشر ٿيندڙ انهن خبرن جو سخت نوٽ??س ورتو آهي جن ۾ سومر ڏينهن ”آج“ ٽي وي جي اينڪر عاصمه شيرازي سان انٽرويو دوران ”سائفر“ جي حوالي سان صدر جي بيان کي مڪمل طور تي حقيقت کان هٽي ڪري پيش ڪيو ويو. پنهنجي انٽرويو ۾ صدر واضح طور تي چيو هو ته کيس سازش بابت شڪ آهي ‘suspicion’ آهي جڏهن ته ان جو حتمي فيصلو مڪمل جاچ کانپوءِ ئي ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته چيف جسٽس آف پاڪستان کي خط لکڻ کان وٺي هيستائين ان جي موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي ۽ ان خط ۾ هن سپريم ڪورٽ کي معاملي جي مڪمل انڪوائري ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي ڇو ته کيس پڪو يقين آ??ي ته ان معاملي جي جاچ ٿيڻ گهرجي. صدر ان معاملي کي سپريم ڪورٽ ۾ ان لاءِ نه موڪليو هو ته کيس سازش بابت ڪو شڪ نه هو، پر ان لاءِ ته اهو معاملو ملڪ جي اڳوڻي وزيراعظم پاران اٿاريو ويو هو، تنهن ڪري سمورن دستياب واقعاتي ثبوتن سميت پوري معاملي جي غيرجانبداراڻي جاچ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ان حقيقت کي نظرانداز نه ٿا ڪري سگهون ته سائفر جا قومي سطح تي اث?? پيا ۽ ان جي ڪري سياسي هلچل پيدا ٿي. ان لاءِ هن سپريم ڪورٽ کي پاڪستان حڪومت پاران جاري ڪيل ڊيمارش کان هٽي ڪري به غيرجانبداراڻي انڪوائري جي درخواست ڪئي. اها بدقسمتي جي ڳالهه آ??ي ته صدر جي لفظن کي هڪ انتهائي سنجيده معاملي تي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو جنهن سان سنگين اث?? پيا. صدر پارليامينٽ ۾ ۽ ان کانسواءِ به ڪيترائي ڀيرا ”حقيقت کان هٽي ڪري“ تصويرڪشي جي اث?? بابت ڳالهه ڪري چڪو آهي ۽ حقيقتن کان هٽي ڪري پيش ڪيل بيان اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن ٿا.
حقيقت کان هٽي ڪري بيانن کي پيش ڪرڻ اڳ کان ئي ورڇ ٿيل ماحول ۾ وڌيڪ خال جو سبب بڻجي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن