اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) موسميات تبد??لي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي، ته موسمياتي تبديليون سڄي دنيا لاءِ وڏو چئلينج آهن، پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو ٻوڏ سبب ??تا??ر ٿيا آهن، عالمي بئنڪ ٻوڏ جي نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آهي، ٻوڏ ??تا??رن جي وڏي آبادي جي بحالي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ اڪ??لي سر ڪنهن ملڪ جو ڪم ناهي، ٻوڏ سبب شديد ??تا??ر انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ وڏي پئماني تي وسيلا گهربل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس انفارميشن ڊپارٽمينٽ ۾ هڪ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ جي صورتحال تمام خراب آهي، ٻوڏ ??تا??ر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي ۽ اهي علائقا جيڪي سمنڊ جي سطح کان هيٺ آهن، اتان پاڻي ڪڍڻ هڪ ڏکيو مرحلو آهي، سڄي دنيا ۾ موسمياتي تبد??لي جو اهڙو عمل پهريان ناهي ڏٺو ويو، موسمياتي تبد??لي ڪري برساتن ۽ ٻوڏ پراڻا سڀئي رڪارڊ ٽوڙيا آهن، پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين سان ٿيل نقصان جو ورلڊ بئنڪ 40 بلين ڊالرن جو ڪاٿو لڳايو آهي، 33 ملين ٻوڏ ??تا??ر تمام وڏو انگ آهي، جيڪو آسٽريليا جهڙي وڏي ملڪ کان ساڍا 7 ملين وڌيڪ آهي. 2010ع جي ٻوڏ ۾ 20 ملين ماڻهو ??تا??ر ٿيا، جن جي بحالي لاءِ 40 بلين جو ڪاٿو لڳايو ويو هو جڏهن ته هن ڪاٿي ۾ احتياطي ڪرڻو پوندو. 20.6 ملين ??تا??ر اڃا به امداد جا منتظر آهن، هي پرتگال ۽ سوئيٽزرلينڊ جي مجموعي آبادي کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي شدت ايتري قدر هئي ته 13000 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيا، جن جي بحالي لاءِ وسيلن جي ضرورت آهي، 436 پل تباهه ٿيا جن جي مرمت ۽ نئين سر تعمير جو ڪم ٿيندو، 1400 صحت مرڪزن کي نقصان پهتو يا اهي مڪمل تباهه ٿيا آهن، خاص طور تي سنڌ ۾ اڃا به صحت جا مرڪز، ڊسپينسريون وغ??ره اڃا به پاڻي هيٺ آهن، صحت جي عالمي اداري جي انگن اکرن مطابق 8.2 ملين ماڻهن کي ارجنٽ هيلٿ ڪيئر جي ضرورت آهي. سنڌ جي 11 ضلعن ۾ هن وقت تائين پاڻي بيٺل آهي، 6 لک عارضي شيلٽر بڻايا ويا آهن ۽ اڃا 7.9 ملين کي امداد جي ضرورت آهي. ان حوالي سان جنيوا ۾ پڻ فليش اپيل ڪئي آهي. 9.4 ملين ايڪڙ تي بيٺل ڪيترائي فصل تباهه ٿي ويا. فوڊ اينڊ ايگريڪلچر نقصان سان 14 ملين ماڻهو سڌي ريت ??تا??ر ٿيا. ٻوڏ سان مجموعي طور تي ??تا??رن ۾ 70 سيڪڙو ٻار ۽ عورتون شامل آهن. ??تا??رن ۾ 65 ارب رپين جي امداد ورهائي وئي آهي. ٻوڏ سبب چانور، ڪپهه، ڪمند، ڪڻڪ ۽ ٻين فصلن جو نقصان ٿيو. جيڪو ڪيش ڪراپس ۾ شمار ٿيندو آهي. سنڌ ۾ مجموعي طور تي 79 سيڪڙو فصل تباهه ٿيا، بلوچستان ۾ 53 سيڪڙو، پنجاب ۾ 15 سيڪڙو، ڪي پي ڪي ۾ 14 سيڪڙو جڏهن ته آزاد ڪشمير جي 25 سيڪڙو فصلن کي نقصان پهتو آهي.
پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن، عالمي بئنڪ ٻوڏ نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو 40 ارب ڊالر لڳايو آهي: وفاقي وزير شيري رحمان جي پريس ڪانفرنس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت