اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) آل پاڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسو??يئ??شن کُليل آسمان هيٺ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ 400 خيما عطيي طور ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ چين جي سفارتخاني ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب من??قد ٿي، جنهن ۾ خيما اسلام آباد وومين چيمبر جي صدر رضوانه آصف ۽ جمهوري وطن پارٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر مير چاڪر بگٽيءَ حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي آل پاڪستان چائينز انٽر پرينيئور ايسو??يئ??شن جي وائيس چيئرمين سن يو چينگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مثالي آهي ۽ چين هر ڏُکي وقت ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي دوستي هر ايندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. آگسٽ 2022ع ۾ وزيراعظم جي رليف فنڊ ۾ 15.5 ملين جو عطيو پڻ جمع ٿي چڪو آهي جڏ??ن ته ان کان علاوه به ڪيترائي فلاحي ڪم شامل ??هن.
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس