اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪ?? جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، پاڪستان ”ويزن وچ ايشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ايشي??ئي رياستن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پاڪستان وچ ايشيا سان سياسي، اقتصادي ۽ توان??ئي جي شعبن ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 توان??ئي منصوبو ويزن وچ ايشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاجڪستا?? جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ڳاله??ئي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان جا تاجڪستان سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، تاجڪستان ۾ پاڪستان ج?? سفير توان??ئي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، ??امزد سفير تاجڪستان ۾ پاڪستا?? جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪ?? جي تعليمي ادار?? جي وچ ۾ علمي رابطا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ڀارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد سرور کي تاجڪستان ۾ بطور پاڪستا?? جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀائر ملڪ تاجڪستان سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڪم ڪري.
تاجڪستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏني وڃي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ