اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو، پرڏيهي وزير جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ان جو پاڪستان جو هي پهريون سرڪاري دورو هون??و. ??رڏيهي آفيس پاران جاري ??يا?? موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ سندس چيني هم منصب ڪن گينگ پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جي چوٿين دور جي گڏيل صدارت ڪندا. اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ هڪ منظم طريقيڪار آهي جنهن ۾ اهم شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جو جائزو ورتو وڃي ٿو. ??يا?? ۾ چيو ويو آهي ته ڌريون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جي توثيق سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ گهڻ رخي تعاون جي لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ اڀرندڙ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. پاڪ چين اسٽريٽجڪ ڊائيلاگ جو ٽيون دور جولاءِ 2021ع ۾ چين جي شهر چينگڊو ۾ ٿيو هو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي دعوت تي چين جو پرڏيهي وزير ڪن گينگ 5 ۽ 6 مئي تي پاڪستان جو سرڪاري دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : شریر چڑیل