اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اڄ 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير انهن ملڪن جي دوري دوران ترقي، واپار ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجز ۽ مسئلي بابت تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ جي لاءِ وزارتي سطح تي اجلاسن ۾ شرڪت کانسواءِ قانونسازن ۽ مقامي واپارين س??ن پڻ ملاقات ڪندي. حنا رباني کر بيلجيئم ۾ يورپي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ يورپي ڪميشن جي سينيئر عملدارن س??ن ملاقاتون ڪندي. سوئيڊن ۾ مملڪتي وزير پرڏيهي لاڳاپن بابت يورپي ڪائونسل جي سالياني اجلاس ۾ اه?? مقرر طور شرڪت ڪندي. هوءَ علائقائي ۽ عالمي اه??يت جي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندي ۽ پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن ۽ چئلينجز تي بحث جي لاءِ يورپ جي اه?? فيصلاسازن، ماهرن?? ٿنڪ ٽينڪس ۽ اثررسوخ رکندڙ شخصيتن س??ن ڳالهه ٻولهه ڪندي.
پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر 5 جون کان 13 جون تائين ناروي، سوئيڊن، ڊينمارڪ ۽ بيلجيئم جو سرڪاري دورو ڪندي: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار