اسلام آباد- 21 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع جي بجيٽ تي بحث جاري رهيو. ان دوران ميمبرن مهانگائي تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ، زراعت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ عدالتن طرفان انصاف جي ??وري فراهمي جي ضرورت تي زور ڀريو ويو. قومي اسيمبليءَ ۾ وقفي بعد بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي ??يمبر شائسته پرويز ملڪ 9 مئي جي ??اقعن جي ??ذمت ڪندي چيو ته هڪ شخص نوجوانن ج?? ذهنن ۾ انتقام، بداخلاقي ۽ نفرت جو زهر ڀري ڇڏيو آهي، تربيت تي توجهه ڪرڻي پوندي ته جيئن ان ج?? خاتمو آڻي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، سرڪاري اسڪولن ۾ تعليم جي ??عيار کي ترجيح ڏني ويندي. جمهوريت جو حصن اختلاف راءِ ۾ آهي، اسان کي ويهي ميثاق معيشت ڪرڻي پوندي، ريگيوليٽري اٿارٽيز کي ختم ڪرڻ کانسوا??ِ سيڙپڪاري نٿي ٿي سگهي. پي ٽي آءِ جي ??يمبر احمد حسين ديهڙ چيو ته مهانگائي ۽ ناڻي واڌ تي ڳالهائيندس، غريب ماڻهن کي تمام گهڻيون ڏکيائون آهن، انهن کي گذريل 4 سالن کان خواب ڏيکاريا ويا جيڪي ساڀيان نه ٿي سگهيا. 10 سالن لاءِ ميثاق معيشت ڪيو وڃي. وزيراعظم جي ان حوالي سان قدمن جي ??اکاڻ ڪريون ٿا. هن چيو ته حڪومت ملازمن جي ??گهارن ۾ معقول اضافي تي مبارڪون ڏيون ٿا، اسڪيل هڪ کان 10 تائين جي ??لازمن جي ??گهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو وڃي، بارٽر سسٽم جو معاهدو اهم آهي. ان سان معيشت بهتر ۽ ڊالر ڪنٽرول ۾ ايندو. هن چيو ته ش??سي توانائيءَ کي هٿي وٺرائي وڃي، موسمياتي تبديلين ج?? بدترين شڪار پاڪستان آهي، ان ج?? ازالي لاءِ عالمي ادارن کي واجب الادا قرضن تي وياج جي ادائگي ۾ ڇوٽ ملڻ گهرجي، وياج جي شرح ۾ گهٽتائي آڻڻ گهرجي، سعودي عرب ۽ يو اي اي اي کان امداد بجا??ِ سيڙپڪاريءَ ڏانهن ڌيان ڏيارڻ گهرجي. پ پ جي ??يمبر علي موسيٰ گيلاني چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي لاءِ عملي ڪم پ پ ڪيو، سينيٽ مان ان ج?? اتفاق راءِ جو ڪريڊٽ يوسف رضا گيلاني ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته سنڌ جا خدشا دُور ڪرڻ لاءِ وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون. مسلم ليگ (ن) جي ??يمبر چوڌري عابد رضا چيو ته اسحاق ڊار متوازن بجيٽ پيش ڪئي آهي، ڪو نئون ٽيڪس نه لڳايو ويو. پ پ جي ??يمبر نويد عامر جيوا بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته بجيٽ سازي چونڊيل نمائندن ذريعي ٿيڻ گهرجي، اسان کي بجيٽ ٺاهڻ جي عمل تي نظرثاني ڪرڻ هجي. اسلام آباد ۾ ڪچين آبادين کي ڊاٺو پيو وڃي، بجيٽ ۾ انهن مسئلن تي ڌيان ڏنو وڃي. اقليتي پاڪستان جا برابر شهري آهن، اتحادي حڪومت متحد آهي. هن چيو ته اقليتي ميمبرن ترقياتي فنڊ لاءِ درخواست ڪئي آهي اها فنڊ جاري ڪيا وڃن.
قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي بحث جاري، ميمبرن پاران مهانگائي ڪنٽرول ڪرڻ، زراعت جي شعبي تي خاص ڌيان ڏيڻ ۽ انصاف جي فراهمي جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria