اسلام آباد – 21 – جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڀارت ان??ن جي ڊگهي قيد کي ختم ڪري جن جو ”بنيادي ڏوهه“ ان??ن جي ناقابل تنسيخ خودمختياري جي حق جو مطالبو ڪرڻ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ان??ن سياسي قيدين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ ان??ن تي هنيل هٿ ٺوڪين الزامن کان ان??ن کي آزاد ڪيو وڃي. ترجمان چيو ته شبير احمد شاهه هن مهيني پنهنجي مسلسل نظربندي جا 6 سال مڪمل ڪري ورتا آهن ۽ هو هن وقت نئين دهلي جي بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ قيد آهي. ترجمان چيو ته شبير احمد شاهه پنهنجي سياسي خيالن جي ڪري 36 سال جيل ۾ گذاري چڪو آهي. هن چيو ته شبير احمد شاهه جي قيد جو ڪل مدو ان جي زندگي جي اڌ کان وڌيڪ آهي، ان کي ان??اني حقن جي عالمي تنظيم ايمنسٽي ان??رنيشنل بجاطور ”ضمير جو قيدي“ قرار ڏنو آهي.
پاڪستان پاران ڄمون ۽ ڪشمير ڊيموڪريٽڪ فريڊم پارٽي جي باني ۽ اهم اڳواڻ شبير احمد شاهه سميت غيرقانوني طور تي نظربند ٻين هزارين ڪشميري سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي آزادي جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز آن لائن ٹکٹ