اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وف?? ۾ ??اڪٽر خالد مقبول صديقي، ڊاڪٽر فاروق ستار، آءِ ٽي وارو وفاقي وزير سيد امين الحق ۽ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري شامل هئا. وفد ستين ڊيجيٽل آدمشم??ري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشم??ري بابت انهن جي تجويزن جي شموليت تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته الله جي فضل ۽ ڪرم س??ن ستين ڊيجيٽل آدمشم??ري خيريت سان مڪمل ٿي وئي ۽ نتيجن جي منظوري سمورين سياسي پارٽين جي اتفاق راءِ سان ٿي. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفصيلي مشاورت ڪئي وئي. وفد وزيراعظم کي سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ ج??ري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير سردار اياز صادق پاور وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به موجود هئا.
وزيراعظم سان ڪنوينر خالد مقبول صديقي جي قيادت ۾ متحده قومي موومينٽ جي وفد جي ملاقات، ستين ڊيجيٽل آدمشماري ۾ انهن جا خدشا ختم ڪرڻ ۽ آدمشماري بابت انهن جي تجويزن جي شموليت تي ٿورا مڃيا
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر