اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گل??ت بلتستان جي عوام کي گل??ت بلتستان جي آزاد?? جي جنگ جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته گل??ت بلتستان جي ماڻهن کي بي مثال قربانين سان آزاد?? جي نعمت ملي، پاڪستان حڪومت گل??ت بلتستان ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي بهتري لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي، قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ گل??ت بلتستان جي جنگ جي آزادي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ جو ڏينهن گل??ت بلتستان ۽ پوري پاڪستان جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي ۽ اسان جي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت رکي ٿو، اڄ کان 76 سال اڳ گل??ت بتلستان جي غي??تمند عوام پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ ڊوگره راڄ جي خلاف ڪيپٽن مرزا حسن خان ۽ صوبيدار ميجر بابر جهڙن بهادر ۽ جرئتمند اڳواڻن جي قيادت ۾ بنا ڪنهن هٿيارن جي باوجود انتهائي بهادري ۽ دليري جو مظاهرو ڪيو ۽ هندو سامراج جي ڪٺ پتلي گورنر گهنسارا سنگهه کي هٿيار اڇلائڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ۽ گل??ت بلتستان جي بهادر ماڻهن پاڪستان سان الحاق کي ترجيح ڏني. هن چيو ته گل??ت بلتستان جي آزادي اسان جو اثاثو ۽ سرمايو آهي ۽ پنهنجي نوعيت جو منفرد ڪارنامو آهي جنهن جو تاج گل??ت بلتستان جي رهواسين پهرين نومبر 1947ع تي پاڻ پاڪستان جي مٿي تي سجايو ۽ پنهنجي غي??مشروط، بي مثل ۽ والهاڻي محبت سان ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان پاڪستان جي ترقي ۽ استحڪام جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائينداسين. اهو ئي سبب آهي جو پورو ملڪ ان علائق?? جي حب الوطن?? جي جذبي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، انهن جرئتمند ماڻهن سدائين جي لاءِ دشمن کي اهو به باور ڪرائي ڇڏيو ته گل??ت بلتستان پاڪستان جو حصو هو، آهي ۽ انشاءَ الله سدائين رهندو. نگران وزيراعظم چيو ته گل??ت بلتستان جا ماڻهو خوش قسمت آهن جو انهن جي بي مثال قربانين سان آزاد?? جي نعمت ملي پر افسوس جو ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جا مس??مان اڄ تائين ڀارت جي غاصباڻي چنبي ۾ جڪڙيل آهن. جيتوڻيڪ ڪشمير جي مسئل?? جي حل لاءِ گڏيل قومن جون واضح قراردادون موجود آهن پر ڀارت جي هٺ ڌرمي ۽ عالمي طاقتن جي خاموش?? جي ڪري ڪشمير مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته آئون اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر ڀارت جي غي??قانوني قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪريان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ڪشميرين جي ڀرپور سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي مدد تيستائين جاري رکندو جيستائين انهن کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب خودمختياري جو حق نه ٿو ملي وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اڄ آئون عالمي دنيا کي اهو پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته اسان فلسطين مسئلي ۽ ڪشمير مسئلي تي پرامن حل چاهيون ٿا ۽ قبله اول جي زمين تي اسرائيل جي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سڄي دنيا ان حقيقت کان چڱي ريت واقف آهي ته گل??ت بلتستان بهترين موقعن ۽ امڪانن جي سرزمين آهي، قدرتي ۽ معدني وسيلن ۽ عوام جي بي پناهه صلاحيتن سان گل??ت بلتستان خطي جو اقتصادي ۽ سياحتي مرڪز بڻجڻ جي راهه تي گامزن آهي. هن چيو ته گل??ت بلتستان سميت پوري پاڪستان جي روشن مستقبل جي لاءِ اسان سڀني کي اتحاد ۽ ٻڌي جو مظاهرو ڪندي درپيش چئلينجز جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌي مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت گل??ت بلتستان ۾ ترقي، امن، خوشحالي ۽ نوجوان نسل جي ترق?? جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.
قومي يڪجهتي، مذهبي هم آهنگي ۽ پرامن گڏيل بقاءَ جي ذريعي دشمن جي ڪڌن مقصدن کي ناڪام بڻائڻو پوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ