بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ايگزم بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي تعاون ۽ پاڪستان ۾ مستقبل جي سيڙپڪاري ۾ د??چسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مالياتي ۽ اقتصاد?? استحڪام جي ل??ءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڪاروبار دوست پاليسين جو خاڪو پيش ڪيو، هن خاص طور تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي تجديد ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اهم ترقياتي منصوبن جي ل??ءِ ايگزم بئنڪ جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم بئنڪ کي قابل تجديد توانائي، زراعت، صنعتڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ فنانسنگ جي نئين منصوبن جي ڳولا جي دعوت پڻ ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي چين جي ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2