اسلام آباد-31 جولاءِ (اي پي پي) قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال لاءِ ماهرن ۽ اسٽيڪ هولڊرز تي ٻڌل هڪ ٽاسڪ فورس جي قيام جي رضامندي ظاهر ڪئي آهي ته جيئن فصلن جي پيداوار ۾ اضافو ڪري سگهجي. هن ان راضپي ??و اظهار پاڪستان جي زراعت جي تبديلي: چئلينجز وچ ۾ پائيدار ترقي ۽ جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي ڪردار جي موضوع تي منعقد گول ميز ڪانفرنس ۾ ڪيو، جنهن جو اهتمام پائيدار ترقي بابت پاليسي اداري (ايس ڊي پي ??ءِ) ۽ فيڊريشن آف ايوان صنعت ۽ واپار (ايف پي ??ي سي آءِ) گڏيل طور ??ي ڪيو هو. وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو ته زراعت جو شعبو ملڪ جي معيشت ۾ ڪرنگهي واري حيثيت رکي ٿو ۽ ان شعبي جي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ جدتن جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ايس ڊي پي ??ءِ ۽ ايف پي ??ي سي آءِ کي چيو ته هو آبادگارن جي تربيت ۽ وسيلن جي فراهمي لاءِ قومي خوراڪ ۽ تحقيق واري وزارت کي پاليسي تجويزون ڏين. هن وڌيڪ چيو ته پيداوار ۾ اضافي ۽ زراعت ج?? شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ مقامي آبادگارن وچ ۾ فاصلي کي گهٽ ڪرڻ ضروري آهي. هن ٻڌايو ته وزيراعظم زراعت کي پنهنجي اولين ترجيحن ۾ شامل ڪيو آهي ۽ ح??ومت نوجوانن کي جديد زرعي ٽيڪنالاجيز جي تربيت لاءِ چين موڪلڻ ۽ فنڊ فراهم ڪري رهي آهي.
زراعت جي شعبي کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ لاءِ ماهرن ۽ آبادگارن وچ ۾ فاصلو گهٽ ڪرڻ ضروري آهي: راڻا تنوير حسين
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام