نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي پيڪ?? فار دي فيوچر کي عالمي برادري جي گڏيل ارادن جو اظهار قرار ڏيندي ا?? ۾ ڪيل واعدن جي پاسداري تي زور ڏنو آهي. پاڪستان جي دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف گڏيل قومن جي سمٽ آف دي فيوچر کي خطاب ۾ چيو ته هي معاهدو انهي صورت ۾ تبديلي آڻي سگهي ٿو جڏهن ان ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. هن چيو ته جيستائين ترقي يافته ملڪن پاران غزه جهڙا سانحا برپا ٿيندا رهندا، دنيا ۾ پائيدار ترقي ممڪن نه ٿيندي. هي معاهدو دنيا جي هڪ سئو کان ??ڌي?? اسرندڙ ملڪن کي پنهنجي ترقي جي سفر کي تيز ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ اڻبرابري تي ٻڌل عالمي ماليات ۽ معاشي نظام سڌارن جو موقعو فراهم ڪري ٿو. ان جي لاءِ پائيدار ترقي جي هدفن جي لاءِ گهربل فنڊز ۾ چار کرب ڊالر جي کوٽ کي پورو ڪرڻ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي اسٽيمولس پروپوزل موجب 2021ع جي اسپيشل ڊرائنگ رائٽس جي غيراستعمال ٿيل فنڊز کي ٻيهر مخصوص ڪرڻ، عالمي ترقي واري ا??سوسيئيشن جي لاءِ اضافي هڪ سئو ارب ڊالر جي فراهمي کي يقيني بڻائن، ترقياتي بئنڪن پاران قرض جاري ڪرڻ ۾ اضافي ۽ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرضن تي مارڪ اپ ۾ گهٽتائي ڪرڻ جي ضرورت آهي. دفاع واري وفاقي وزير ان موقعي تي عالمي سطح تي معاشي ا??صاف کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عالمي نمائندگي کي بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ??نو. هن ان مقصد جي لاءِ حڪومتن کي قرضن جي فراهمي جي نظام تي نظرثاني ۽ عالمي واپاري تنظيم ۾ سڌارن جي تجويز پڻ پيش ڪئي. هن اتر ڏکڻ جي ورڇ کي ختم ڪرڻ ۽ ڊيجيٽل اسپيس ۾ اوڀر ۽ اولهه جي ورڇ کي ختم ڪرڻ تي زور ??نو. هن برابري ڊيٽا گورننس ۽ مصنوعي ذهانت جي طاقت کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ا??ميت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن وڏي طاقتن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ائٽمي ۽ ٻين هٿيارن جي ڦهلاءُ کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ??نو. هن چيو ته گڏيل قومن جي فورم کي ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن پر??ڻي ۽ نئين تڪرارن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ??ڌي?? بااختيار هجڻ جي ضرورت کي پڻ اجاگر ڪيو. هن ماضي ۾ سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي ناڪامين جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۽ ان جي حامي ٻين ملڪن پاران ڪائونسل جي مستقل ميمبرن جي ا??گ ۾ اضافو ان کي ??ڌي?? مفلوج ڪرڻ جو سبب بڻجندو. هن ايندڙ نسلن جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي تي ٻڌل مستقبل جي لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر تي عملدرآمد کي ضروري قرار ??نو. آچر ڏينهن متفقه طور تي منظور ڪئي ويندڙ پيڪ?? فار دي فيوچر ۾ عالمي گورننس کي مستحڪم ڪرڻ سان گڏوگڏ پائيدار ترقي، عالمي ا??ن، ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ اختراعات، نوجوان نسل ۽ ايندڙ نسلن جهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي ارادن جو اظهار ڪيو ويو آهي.
گڏيل قومن جي پيڪٽ فار دي فيوچر تحت ڪيل واعدن جي پاسداري جي ضرورت آهي: پاڪستان جو دفاع وارو وفاقي وزير خواجه آصف
مضمون کا ماخذ : پاور بال آن لائن خریداری