استنبول-22 آڪٽوبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي و??ير محسن نقوي استنبول ۾ عالمي ايڪسپو ۾ شرڪت ڪئي. وفاقي و??ير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع جو افتتاح ڪيو. عالمي ايڪسپو پهچڻ تي ترڪيه جي اعليٰ عملدارن وفاقي و??ير محسن نقوي جي آجيان ڪئي. وفاقي و??ير چيف آف دي ترڪش جنرل اسٽاف ميٽن گورڪ سان ملاقات ڪئي. گهرو وزير، جنرل ميٽن گورڪ کي عالمي ايڪسپو جو بندوبست ڪرڻ تي کيس مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. جنرل ميٽن گورڪ انٽرنيشنل ايسڪپو ۾ پاڪستان جي نمائندگي تي وفاقي و??ير محسن نقوي جو شڪريو ادا ڪيو. وفاقي و??ير ٻين ملڪن جي نمائندن سان گڏ ايڪسپو جو دؤرو ڪيو. گهرو و??ير ايڪسپو ۾ لڳايل پاڪستان آرڊيننس فيڪٽريز جي اسٽال جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پاڪستاني اسٽال سنڀاليندڙن سان ملاقات ڪئي ۽ ايسڪپو ۾ رکيل پاڪستاني اوزارن جي تعريف ڪئي. گهرو و??ير ايڪسپو ۾ رکيل جديد اوزارن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ايڪسپو ۾ جديد مشينري ۽ اوزار ڏ??ي مون کي خوشي ٿي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ”انٽرنيشنل ايڪسپو 2024ع“ دوست ملڪن ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ترڪيه ۾ پاڪستان جي س??ير يوسف جنيد ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. ان کان اڳ وفاقي و??ير اهم دؤري تي ترڪيه پهتو ته استنبول ايئرپورٽ تي پاڪستان جي س??ير، ترڪيه جي گهرو وزارت جي ڊي جي مهمت عليدي ۽ اعليٰ عملدارن سندس شاندار استقبال ڪيو. وفاقي ترڪيه ڪابينه جي وزيرن ۽ مرڪزي قيادت سان ملاقاتون ڪندو. گهرو و??ير چيو ته ترڪيه جي دؤري دوران گڏيل سهڪار کي مضبوط بنيادن تي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. بارڊر مئنجمينٽ، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام لاءِ ٻه طرفي س??ڪار وڌائڻ جي امڪانن تي ترڪيه جي وزيرن ۽ ليڊرشپ سان ڳالهيون ٿينديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه هميشه پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته دؤري جو مقصد پاڪ- ترڪيه لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.
وفاقي وزير محسن نقوي جي استنبول ۾ عالمي ايڪسپو ۾ شرڪت، ترڪش چيف آف دي جنرل اسٽاف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena