اسلام آبا?? R11; 14 – نومبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي دعوت تي گڏيل عرب امارات پهچي ويو جتي هو 15 کان 17 نومبر 2024?? تي ٿيندڙ 15هين سربني ياس فورم ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ايڪس تي پوسٽ موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار ان اهم فورم جي موقعي تي عالمي اڳواڻن ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون پڻ ڪندو ۽ علائقائي سلامتي، معيشت، تعاون ۽ پائيدار ترقي سميت اهم معاملن تي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ پرڏيهي وزير مُشڪل علائقائي چئلينجز جي سفارتي حل کي فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل خوشحالي جي قدمن جي حوالي سان پاڪستان جو اسٽريٽجڪ موقف پيش ڪندو. واضح رهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير س??ني??ر محمد اسحاق ڊار گڏيل عرب امارات جي پنهنجي هم منصب جي دعوت تي گڏيل عرب امارات جو دورو ڪري رهيو آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار 15هين سربني ياس فورم ۾ شرڪت لاءِ گڏيل عرب امارات پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ