اسلام آباد-22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر مم??ڪت آصف علي زرداري ڏکڻ
وزيرستان ۾ چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪندي شهيد ٿيل
16 جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته سموري قوم دهشتگردي خلاف
جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ طرفان
جاري بيان مطابق صدر مم??ڪت دهشتگرد حملي ۾ 16 بهادر جوانن جي شهادت
تي ڏک جو اظهار ڪيو. صدر مم??ڪت دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيل 16 جوانن
کي خراج عقيدت پيش ڪندي شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽
صبر ج?? دعا ڪئي. صدر آصف علي زرداري ملڪ ۾ فتنه الخوارج جي
مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته
سموري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي فورسز سان گڏ آهي. صدر
مم??ڪت چيو ته دهشتگرد ملڪ، قوم ۽ انسانيت جا دشمن آهن، دهشتگردي جي
لعن?? جي مڪمل خاتمي تائين ڪارروائيون جاري رکنداسين.
مضمون کا ماخذ : عمومی کلیدی الفاظ