اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي( اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ثقافتي رابطن کي وڌيڪ ??روغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي م??ڪن جا هڪ ٻئي سان ??دابهار لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ سياحتي شعبي ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن، يونس ايمري انسٽيٽيوٽ قائم ٿيڻ سان ??رڪ ثقافت کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ، ترڪش ڪلچر سينٽر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، ترڪيه اسان ??و دوست آهي جنهن سان ??سان ??ي لازوال دوستي آهي جيڪا سرحدن جي محتاج نه آهي، ٻنهي م??ڪن جي عوام دوستي جي مضبوطي رشتي ۾ ڳنڍيل آهي. هن چيو ته عظيم صوفي شاعر يونس ايمري جنهن کي يونس درويش به چيو وڃي ٿو، جي شاعري ۽ ڪهاوتون اڄ به ترڪ ثقافت ۾ اهميت رکن ٿيون. هن چيو ته ثقافت ئي هڪ ٻئي کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڊاڪٽر خليل توڪار کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پاڪستان ۾ رهي ترڪ ثقافت کي جهڙي طرح فروغ ڏنو، يقينن داد جو مستحق آهي. هي اهڙا ماڻهو آهن جيڪي م??ڪن جي وچ ۾ سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ بي لوث ڪم ڪن ٿا. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه سان ??صيداري وڌائڻ جي لاءِ استنبول ۾ هيڊ آف ڪميونيڪشن سان ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته جهڙي طريقي سان ??رڪيه جا ڊراما پاڪستان ۾ مقبوليت حاصل ڪري رهيا آهن اهڙي طرح پاڪستان ??ا ڊراما ترڪيه ۾ پيش ڪري سگهجن ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ تمام گهڻيون شيون گڏيل آهن جيڪي زبان، ثقافت، مذهب جي شڪل ۾ نظر اينديون، اهو ئي سبب آهي جو اهو نه ٽُٽندڙ رشتو آهي. هن چيو ته ثقافتي طور تي اسان ??هڙي مضبوطي سان ڳنڍيل آهيون جو علامه اقبال جي هڪ مزار قونيه جي اندر به آهي، مولانا رومي جي مزار سان گڏ علامه اقبال جي علامتي قبر ٺاهي وئي آهي، ان ??علق کي بيان ڪرڻ ئي مشڪل آهي. هن چيو ته ماڻهن جي پاڻ ۾ رابطن سان لاڳاپا وڌيڪ ??ڌن ٿا. يونس ايمري انسٽيٽيوٽ ڪلچر سينٽر جي هتي قائم ٿيڻ سان ??قافت ۽ عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ ??روغ ملندو ۽ ترڪيه جي ثقافت کي اسان ??ي ماڻهن کي سمجهڻ ۽ اڳتي کڻي هلڻ ۾ مدد ملندي. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ثقافتي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عوام سان ??وام جي سطح تي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ سيمينارز منعقد ڪيا وڃن، ٿنڪ ٽينڪس کي ويهاريو وڃي ۽ پاڪ ترڪيه ل??ڳاپن ۽ ثقافت کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. اطلاعات واري وفاقي وزير عظيم شاعرن ڊاڪٽر علامه محمد اقبال ۽ يونس ايمري جي حوالي سان ??قافتي گروپس جوڙڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جا اديب ۽ شاعر هڪ ٻئي جي م??ڪن جو دورو ڪن. اسان ??ي ڪوشش آهي ته انهن عظيم شاعرن جي ڪم کي اڳتي کڻي هلون جنهن جي ذريعي ٻنهي م??ڪن ۽ ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ ??م آهنگي پيدا ٿئي ۽ اسان ??نيا کي امن، ڀائيچاري ۽ هم آهنگي جو پيغام ڏئي سگهون.
پاڪستان ۽ ترڪيه جي لازوال دوستي سرحدن جي محتاج نه آهي: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا پریمیو