اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو ??اپاري ڀائيوار ۽ پاڪستاني روانگي واپار جي حوالي سان اهم ملڪ آهي.هن اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان ملاقات ۾ چئ??. م??اقات جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي سهڪار جي شعبن ۾ اڳڀرائي جو ??ائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڀائيواريءَ جي اهميت تي زور ڀر??و ويو ۽ ان ڳالهه جو ??عتراف ڪ??و ويو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو ??اپاري ڀائيوار ۽ روانگي واپار جي ??ار??يٽ آهي. ناڻي واري وزير ۽ سفير اقتصادي سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل ڪاروباري رٿائن ۽ معاشي سهڪار جي نَون موقعن تلاش ڪرڻ جو ??زم ورجايو.ملاقات ۾ ٻُڌا??و ويو ته ملڪ ۾ ڪلي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، اسان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي واري وزير آمريڪا ۾ رهندڙن پاڪستانين کي سيڙپڪاري لاءِ متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀريو. ملاقات ۾ فيصلو ڪ??و ويو ته آمريڪا ۾ موجود ڀائيوارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي باقاعده طور تي معاشي انگن اکرن کان آگاهه رک??و وڃي ته جيئن پاڪستان جي ترقي ڪندڙ معيشت ۾ سيڙپڪاري جي همٿ افزائي ڪري سگهجي.
آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپاري ڀائيوار آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز