پيرس -28 آگسٽ (اي پي پي) فر??نس جي تعليم واري وزير سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو ا??لا?? ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهو لباس تعليم جي حوالي سان فر??نس جي سخت سيڪولر قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. برطانوي نشرياتي اداري مطابق تعليم واري وزير گيبريئل اٽل چيو آهي، ته هاڻي اسڪولن ۾ عبايه پائڻ ممڪن نه هوندو ۽ اهو 4 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ ڪلاسن جي واپسي کان اڳ اسڪولن جي سربراهن کي قومي سطح ??ي واضح قائدا ڏنا ويندا. واضح رهي ته فر??نس 19 صدي جي قانون بعد کان سرڪاري اسڪولن ۾ مذهبي ??لا??ت سخت پابندي لڳائي رکي آهي ۽ سرڪاري ادارن م تعليم مان روائتي ڪيٿولڪ اثر رسوخ جي خاتمي ۽ وڌندڙ مسلم اقليت کي منهن ڏيڻ لاءِ اهڙن ره??ما اصولن کي اختيار ڪيو آهي. فر??نس 2004ع ۾ اسڪولن ۾ اسڪارف پائڻ تي پابندي لڳائي هئي ۽ 2010ع ۾ عوامي هنڌن تي مڪمل چهري جي نقاب تي پابندي لڳائي هئي جنهن سان اتان جي 50 لک مسلم برادري پاران ناراضگي جو اظهار ڪيو ويو هو.
فرانس جي سرڪاري اسڪولن ۾ مسلمان شاگردياڻين کي برقعو (عبايه) پائڻ تي پابندي لڳائڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : Raging Rhino