قاهره -26 سيپٽمبر (اي پي پي) مصر ۾ اليڪشن اختيارين صدارتي چونڊ 10 کان 12 ڊسمبر تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سعودي ميڊيا مطابق نيشنل اليڪشن اٿارٽي جي چيئرمين جسٽس وليد حسن حمزه ٻڌايو ته پولنگ 10، 11 ۽ 12 ڊسمبر تي ٿيندي، اميدوار آڪٽوبر کان درخواستون جمع ڪرائي سگهندا، اميدوارن جي فهرست کي 9 نومبر تي حتمي شڪل ڏ??ي ويندي، چونڊ مهم 29 نومبر تائين جاري رهندي ۽ نتيجن جو اعلان 18 ڊسمبر تي ڪيو وين??و. ??ڳوڻي آرمي چيف صدر عبدال??تا?? السيسي جو اٽڪل هڪ ڏهاڪي کان اقتدار ۾ آهي اڃا تائين پنهنجي اميدواري جو باقاعده اعلان ناهي ڪيو. 68 سا??ن جو عبدال??تا?? السيسي پهريون ڀيرو 2014ع ۾ صدر چونڊيو هو ۽ وري 2018ع جي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيو. هاڻي تائين رڳو ٻن ٻين اميدوارن چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جنهن ۾ مخالف ڌر جو سياستدان احمد الطعطاوي شامل آهي. مصر جي سوشل ڊيمو ڪريٽڪ پارٽي جي صدر فريد زهران به چونڊ ۾ حصو وٺڻ جو ارادو ظاهر ڪيو آهي.
مصر ۾ صدارتي چونڊ لاءِ پولنگ 10 کان 12 ڊسمبر تي ٿيندي: نيشنل اليڪشن اٿارٽي
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی