غزه -28 نومبر (اي پي پي) قطر چيو آهي، ته ڌرين ۾ غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق ڪيو آهي. اها واڌ ڌرين وچ ۾ جمعي تي طئي ٿيل معاهدي ت??ت آخري 11 اسرائيلن جي آزادي بعد ڪئي وئي. بي بي سي جي رپورٽ موجب اسرائيل جي اختيارين ٻڌايو آهي ته آزاد ٿيلن ۾ 3 سالن جا جاڙا ٻار ۽ سندن والده کان علاوه وڌيڪ 6 ٻار ۽ هڪ عورت ۽ سندس ٻار شامل آهن. قطر چيو آهي، ته آزادي ماڻ??ند??ن ۾ فرانس، جرمني ۽ ارجنٽائين جي شهريت رکندڙ ماڻهو به شامل آهن. قيدين جي آمد جي ت??ديق ٿيڻ بعد اسرائيل جي جيل اٿارٽي چيو آهي، ته 33 فلسطيني قيدين کي آزاد ڪيو ويو آهي. قطر جي پرڏيهي وزارت جي ت??جمان ماجد الانصاري ايڪس تي جاري بيان ۾ چيو آهي، ته ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي دوران غزه ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن لاءِ انساني همدردي ت??ت جنگ بندي جو مدو وڌائڻ جو معاهدو طئي ٿي ويو آهي. وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي جي ت??جمان جان ڪربي صحافين کي ٻڌايو ته امريڪا غزه ۾ جنگ بندي ۾ واڌ جي آجيان ڪئي آهي. هن چيو ته يقينن اسان اميد ڪيون ٿا ته ان وقفي کي وڌيڪ وڌايو ويندو ۽ ان جو دارو مدار غزه مان يرغمالين کي آزاد ڪرڻ تي هوندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش ان قدم کي جنگ جي اونداهين وچ ۾ اميد ۽ انسانيت جي هڪ جهلڪ قرار ڏنو آهي. جرمني جي پرڏيهي وزير يرغمالين جي آزاد جي آجيان ڪئي جنهن ?? ٻه جرمن نوجوان به شامل آهن.
غزه ۾ چئن ڏينهن جي جنگ بندي ۾ وڌيڪ ٻن ڏينهن جي واڌ تي اتفاق
مضمون کا ماخذ : números dupla sena