اسلام آباد – 11 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي ۽ اهو ئي اسان جي پارٽي جو منشور آهي، پاڪستان ۽ بدعنواني گڏ نه ٿا هلي سگهن، وزيرا??ظم عمران خان عالمي شهرت رکندڙ شخصيت آهي، ان جي ڀيٽ ڪنهن به صورت ۾ موروثي سياستدانن سان نه ٿي ڪري سگهجي، وزيرا??ظم معائنه ڪميشن اي جي پي آر جي ذريعي سرڪاري خريداري ۾ ٿيندڙ خرابي کي سڌارڻ جي ل??ءِ سفارشون جوڙي ورتيون آهن، سرڪاري خريداري جيڪا اي جي پي آر جي ذريعي ٿئي ٿي ان تي ساليانو اربين رپيا اضافي قيمت قوم جي پئسي سان ادا ڪرڻي پوي ٿي، ان بگاڙ کي سڌارينداسين ۽ جيڪو به ذميوار هوندو ان جي خلاف ڪارروائي ٿيندي، جڏهن به احتساب ۽ ادارن ۾ سڌارن جي ڳال??ه ٿئي ٿي ته مخالف ڌر پنهنجي سياسي ۽ مالي مفادن جي ل??ءِ گڏ ٿي وڃي ٿي، ادارن ۾ خرابي پيدا ڪندڙن جو احتساب ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي آءِ ڊي ۾ وزيرا??ظم معائنه ڪميشن جي چيئرمين احمد يار هراج سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان انهن ادارن کي ڄاڻي واڻي مفلوج ڪيو ويو. هن چيو ته پنهنجي منشور جي پاسداري ڪندي وزيرا??ظم عمران خان ادارن ۾ سڌارن ۽ ري اسٽرڪچرنگ جي ل??ءِ قدم کنيا آهن ۽ وزيرا??ظم جي سموري سياسي جدوجهد انهي جي ل??ءِ هئي ته ادارن ۾ شفافيت هجي. هن چيو ته پي آءِ اي، نيپرا، پيمرا يا جيترا به ريگيوليٽري جا ادارا آهن انهن جو فعال هجڻ اهميت رکندڙ آهي.
پاڪستان تحريڪ انصاف کي ادارن ۾ سڌارن جو مينڊيٽ مليو آهي: سينيٽر شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب