اسلام آباد 6- آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت ??هي، پرڏيهي وزارت کي جديد عصري گُهرجن سان هم آهنگ بنائڻ لاءِ جامع ۽ قابل عمل تجويزون سامهون آڻينداسين. اها ڳالهه گذريل ڏينهن پرڏيهي وزارت ۾ ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ پرڏيهي وزارت ??ي پبلڪ ڊپلوميس?? جي ويزن جو حصو آهي، جنهن ۾ ڊجيٽل ۽ ٽيڪنيڪل ماهر شامل آهن. ڊجيٽل ڊپلوميسي گروپ جي ميمبرن ۾ وزيراعظم جو فوڪل پرسن ڊاڪٽر ارسلان خالد، نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي ب??ر?? جي سي اِ?? او سيد شباهت علي شاهه، جنرل مئنيجر ڊجيٽل ميڊيا ونگ وزارت ??طلاعات عمران غزالي، ڊجيٽل ايڪسپرٽ تانيه ايڊوروس پرو پاڪستاني ب??اگ جي باني عامر عطا، پبلڪ رليشن ايڪسپرٽ سلينا راشد ۽ پرڏيهي وزارت ??ي صلاحڪار پبلڪ ڊپلوميسي عمران اختر شامل آهن. پرڏيهي وزير چيو ته ڪووڊ 19 دنيا کي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي. ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت ??هي. پرڏيهي وزارت کي الله تعاليٰ بهترين هيومن ريسورسز سان نوازيو آهي، اسان جي وسيع ??جربن سان اسان اداري کي ب??ترين بڻائي رهيا آهيون.
ڊجيٽل ڊپلوميسي وقت جي اهم ضرورت آهي: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : como ganhar na raspadinha