اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن، حڪومت عالمي سيڙپڪار ڪمپنين کي سيڙپڪاري لاءِ هر ممڪ?? سهولتون فراهم ڪندي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن ظهبي گروپ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ ظهبي گروپ جي سي اي او تنوير حسين اعواڻ، ڊائريڪٽر سلمان ناصر عبدالله البدي ۽ پاڪستان جي ڪنٽري هيڊ مح??د شهباز خان شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم جو واپار ??ارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جو خاص مددگار ذوالفقار عباس بخاري، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين شهريار خان آفريدي ۽ بي او آءِ جو چيئرمين عاطف بخاري به موجود هئا. وفد وزيراعظم عمران خان جي ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي ويزن ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي لاءِ سيڙپڪاري ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪندي مستقبل ۾ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.
پاڪستان ۾ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا آهن: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : como jogar na loteria