اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سع??دي عرب جي وچ ۾ پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ ج?? ضرورت آهي، ٻ??هي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ج?? صلاحيت موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سع??دي سفير نواف بن سعيدالمالڪي ۽ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورستي اسلام آباد جي صدر ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي سان ملاقات دوران ڪيو. ڊاڪٽر هٿل حمود العطيبي گورننس ۽ تعليمي معيار ۾ بهتري جي لاءِ انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي جي نئين اسٽريٽجڪ پلان بابت صدر کي بريفنگ ڏني. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونيورسٽي شاگردن کي فاصلاتي تعليم فراهم ڪرڻ ج?? لاءِ هڪ نئون شعبو قائم ڪري رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان سع??دي عرب سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، پاڪ – سع??دي عرب لاڳاپا گڏيل عقيدي ۽ گڏيل احترام تي ٻڌل آهن. هن چيو ته پراڻن ۽ مضبوط ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل مفاد جي لاءِ وڌيڪ مضب??ط بڻائڻ ج?? ضرورت آهي، ڀائر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ج?? صلاحيت موجود آهي، اعليٰ سطحي ٻطرفي مٽاسٽا ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻيندي. صدر چيو ته مئي 2021ع ۾ وزيراعظم جي سع??دي عرب جي دوري، جولاءِ 2021ع ۾ سع??دي پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري سان ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. هن چيو ته ايڇ اي سي جي نئين پاليسي يونيورسٽين ۾ منشيات جو استعمال روڪڻ، شاگردن کي صحتمند ۽ فعال ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي، خاص طور تي شاگردن کي سمورن اداراجاتي چارجز بشمول ٽيوشن فيس، هاسٽل فيس ۽ يوٽيلٽي بلز جي مد ۾ ڇوٽ ڏني ويندي.
پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي: صدر
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کی پیشن گوئی