اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو، اتي سيد علي گيلاني جهڙا ماڻهو پيدا ٿيندا رهندا ۽ ڪشمير جلد آزاد ٿيندو. هو بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. سيد علي گيلاني جي غائبانه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ٻين سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي تائين انهن جهڙا حريت پسند پيدا ٿيندا رهندا. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلمن سان گڏوگڏ ڀارت جي اندر سمورين اقليتن سان سلوڪ افسوسناڪ آهي، اها صورتحال ڀارت جي بربادي جو سبب بڻجندي جيڪو پاڻ پنهنجي اندر تعصب ۽ اقليت?? جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انه?? جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پور?? نه ڪيو جنهن سان انه?? جي ساک متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ انه?? جي آزادي جو خواب جلد پورو ٿيندو. ان موقعي تي غائبانه جنازي نماز ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن پڻ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.
والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو: صدر
مضمون کا ماخذ : números quina hoje