اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي، ڊگهي جنگ افغان عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو ڪيو آهي، عالمي برادري کي افغانستان کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي ۽ ان جي ماڻهن کي معاشي ۽ انساني امداد جاري رکڻ گهرجي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي پناهگ??رن بابت هاءِ ڪمشنر فلپو گرانڊي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. گڏيل قومن جي پناهگ??رن بابت هاءِ ڪمشنر جي آجيان ڪندي صدر چيو ته پاڪستان افغانستان جي امن ۽ نئين سر تعمير جي فروغ ۾ اهم ڪ??دا?? ادا ڪيو آهي، هن چيو ته پاڪستان دنيا ??و واحد ملڪ آهي جنهن گذريل چئن ڏهاڪن کان 35 لک افغان پناهگ??رن جي ميزباني ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان افغان پناهگ??رن کي صحت ۽ تعليم جي سهولتن تائين پهچ سان گڏوگڏ کين بئنڪ اڪائونٽ کولن ۽ واپاري سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جي سهولت فراهم ڪئي آهي، هن چيو ته دنيا کي افغانستان ۾ امن جي فروغ ۽ گذريل 40 سالن کان لکين افغان پناهگ??رن جي ميزباني ۾ پاڪستان جي ڪ??دا?? جو اعتراف ڪرڻ جي ضرورت آهي، صدر فلپو گرائنڊي کي افغانستان جي ماڻهن لاءِ پاڪستان پاران فراهم ڪيل تازي انساني امداد ۽ طبي رسد جي باري ۾ ??گا??ه ڪيو.هن افغانستان مان عالمي ادارن ۽ سفارتي مشنن جي ميمبرن جي واپسي ۾ پاڪستان جي ڪوششن تي به روشني وڌي، گڏيل قومن جي پناهگ??رن بابت هاءِ ڪمشنر لکين افغان پناهگ??رن جي ميزباني ۽ افغانستان ۾ انساني امداد موڪلڻ ۾ پاڪستان جي ڪ??دا?? کي ساراهيو.
افغانستان کي انساني ۽ معاشي امداد جي سخت ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری