جده – 30 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي وچ ۾ جمعي جي رات ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان وزيراعظم شهباز شريف جي استقبال لاءِ پاڻ ٻاهر آيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جي اعزاز ۾ گارڊ آف آنر ڏنو ويو. سعودي هٿياربند فوج جي دستي وزيراعظم کي سلامتي ڏني، ان کانپوءِ سعودي ولي عهد سعودي وفد سان وزيراعظم جو تعارف ڪر??يو?? جڏهن ته وزيراعظم کيس پنهنجي ڪابينا جي ميمبرن سان مل??يو?? ان کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا وفد به شريڪ ٿيا، سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي دعوت تي وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي اعليٰ سطحي سرڪاري دوري تي آهي .
وزيراعظم شهباز شريف ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قدیم مصری کلاسک