اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپ??ڪر زاهد اڪرم خان دراني چيو آهي ته عوامي مسئلن کي حل ڪرڻ ۽ عام ماڻهو جي زندگي جي معيار کي بلند ڪرڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آندو ويندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار سوئي سدرن گئس پائپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) جي مينيجنگ ڊائريڪٽر سا?? ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ايس اين جي پي ايل خيبرپختونخوا جو جنرل مينيجر پُڻ موجود هو. ملاقات ۾ ڏاکڻي ضلعن خاص طو?? تي اين اي 35 بنون ۾ سوئي گئس بابت مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ڊپٽي اسپ??ڪر ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي سا?? ڳالهائيندي چيو ته خيبرپختونخوا جي ڏاکڻي ضلعن ۾ قدرتي گئس جا وڏي مقدار ۾ ذخيرا موجود آهن جنهن مان نه رڳو خيبرپختونخوا پر ملڪ جي ٻين حصن کي به گئس فراهم ڪئي ويندي آهي، تنهن هوندي به انهن ضلعن جي رهندڙن کي گئس جي سپلائي، لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر جهڙا مسئلا درپيش آهن، ڊپٽي اسپ??ڪر قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 بنون جي مختلف يونين ڪائونسلن ۽ علائقن ۾ سوئي گئس جي لوڊشيڊنگ، گهٽ پريشر ۽ سپلائي بابت مسئلن کي فوري طو?? تي حل ڪرڻ ج?? هدايت ڪئي، ايس اين جي پي ايل جي ايم ڊي علي جاويد حمداڻي ڊپٽي اسپ??ڪر کي قومي اسيمبلي کي ڏاکڻي ضلعن خاص طو?? تي قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 35 جي گئس بابت مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.
عوامي مسئلا حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي: زاهد اڪرم خان دراني
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ