اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ??ن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش ڪري ڇڏيو، اٽو، کنڊ ۽ گيهه جي ستايل عوام کي سس??ي شين جي ??راهمي شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم شهباز شريف کنڊ جي ??يمت 85 روپيا کان گهٽ ڪري 70 روپيا، 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهي جي ??يمت 550 روپين کان گهٽ ڪري 400 روپيا ڪري ڇڏي هئي. پنهنجي ??ڪ بيان ۾ هن چيو ته چئن سالن ۾ مهانگائي تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائي وئي هئي جنهن ۾ آهستي آهستي لاٿ اچڻ شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ٻن هفتن ۾ اهي ڪم ڪيا جيڪي عمران خان چئن سالن ۾ سوچي به نه سگهيو. هن چيو ته وزيراعظم ٻن هفتن ۾ بجلي جا بند پيل 27 مان 20 پيداواري ??ونٽس کي فعال ڪيو، بجلي جا ڪارخانه هلائڻ لاءِ تيل ۽ گئس جي ??راهمي لاءِ رڪارڊ قدم کنيا ويا. هڪ سال جي ??ني خرابين جي ڪري بند پيل ڪارخانا وري بحال ٿيڻ لڳا آهن، هن چيو ته چئن سالن کان بند اسلام آباد ميٽرو جو منصوبو چئن ڏينهن ۾ شروع ڪيو. هن چيو ته نيو اسلام آباد هوائي اڏي کان ميٽرو کي موٽروي ۽ فيض آباد سان جوڙڻ، بهاره ڪهو ۽ روات تائين توسيع ڏيڻ ج?? فزيبلٽي جي تياري شروع ٿي وئي آهي، هن چيو ته موٽر وي تي ميٽرو جو اسٽيشن بڻائڻ ج?? قدم کنيو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ديامرڀاشا ڊيم تي ڪم جي رفتار وڌائي، ڊيم کي 2029ع بدران 2026ع ۾ مڪمل ڪرڻ ج?? نئين ڊيڊ لائين رکي، مقامي آبادي جي ??اءِ بهترين ۽ جديد علاج لاءِ اسپتال جي ??زيبلٽي تيار ڪرڻ ج?? حڪم ڏنو، هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف خضدار ڪچلاڪ شاهراهه کي ٻن کان چائن ڦاڪن ۽ وري ايندڙ مرحلي ۾ ڇهه ڦاڪن واري ڪرڻ لاءِ سيڪشن هڪ ۽ 2 جو پيڙهه جو پٿر رکيو. ان کانسواءِ وزيراعظم بلوچستان جي ??وجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي سڀ کان جديد ترين ٽيڪينڪل يونيورسٽي جي ??نصوبي جو اعلان ڪيو، وزيراعظم شهباز شريف راولپنڊي، اسلام آباد، لاهور، ملتان، ڪراچي وانگر ڪوئيٽا ۾ به ميٽرو سروس جي ??زيبلٽي تيار ڪرڻ ج?? حڪم ڏنو، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي غريب ترين پنج لک ماڻهن کي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان امداد ڏيڻ ج?? اعلان ڪيو.
مريم اورنگزيب پاران وزيراعظم جي ٻن هفتن جي ڪارڪردگي جو جائزو پيش
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل