اسلام آباد – 27 ̵1; مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته حڪوم?? کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ ترجيحي بنيادن تي ق??م کنيا پيا وڃن، پيٽ جي بيمارين جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽر ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن دهشتگردي جي خاتمي واري وزير نوابزاده شاه زين بگٽي سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس مل??قات ڪئي. مل??قات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ڪئي وئي، مل??قات ۾ نوابزاده شاهه زين بگٽي وزيراعظم کي سومر ڏينهن تي ڊيره بگٽي ۾ پيٽ جي وبا تي ضابطو آڻڻ جي ڪامياب آپريشن جي تفصيلن کان آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ وزيراعظم جي انهن قدمن ۾ خصوصي دلچسپي ۽ بلوچستان جي متاثر خاندانن جي فوري طور تي مدد ڪرڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم مقامي آبادي کي صاف پاڻي جي فراهمي جي حوالي سان قدمن کي يقيني بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچاءُ لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جون هدايتون جاري ڪيون. ان موق??ي تي وزيراعظم چيو ته حڪوم?? کي بلوچستان جي محرومين جو چڱي طرح احساس آهي جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت ترجيحي بنيادن تي ق??م کڻي رهي آهي. پيٽ جي وبا جي روڪٿام لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارا خاص طور تي ڊاڪٽرز ۽ پيراميديڪل اسٽاف جون ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن.
حڪومت کي بلوچستان جي محرومين جو احساس آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia