اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلسطين جي حم??يت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي پاڪستان جي رياستي پاليس?? واضح ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌل آهي، پاڪستان ??ي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، پاڪستان فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته پاڪستان مان ڪو به وفد اسرائيل ناهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قرارداد موجب فلسطينن جي خودمختيار?? واري حق جي مڪمل حم??يت ڪريون ٿا، هن چيو ته دنيا ٻن رياستي حل کي خطي ۾ پائيدار امن ??و ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گاد?? وارو شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فلسطين رياست جو واعدو پورو ڪيو وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والاريل فلسطين ۽ والاريل ڄمو?? ۽ ??شمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذميداري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻي حل تائين دنيا ۾ پائيدار امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل فلسطين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمو?? ۽ ??شمير ??ي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حم??يت جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته سستي سياسي شهريت لاءِ هر منفي قدم کڻندڙ قومي مفاد جو ته خيال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ايئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.
فلسطين جي حمايت ۾ پاڪستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : bolão dupla sena