اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سمُورا قيمتي غيرمل??ي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مث??ل قائم ڪندي هدايت ڪئي آهي ته اهي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن ته ج??ئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي، ان مقصد جي لاءِ وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وڃي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ منفرد مث??ل ۽ وزيراعظم هائوس ۾ هڪ نئي?? روايت قائم ڪئي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته وزيراعظم کي ملندڙ غيرمل??ي تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا وڃن. وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي ته غيرمل??ي تحفا عوام کي ڏيکارڻ جو اهتمام ڪيو وڃي ته ج??ئن عوام دوست ملڪن جي پاڪستان سان محبت کان آگاهه ٿئي. وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي وزيراعظم هائوس ۾ جڳهه رکي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ کان ملندڙ تحفا سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. توشه خانه ۾ جمع ڪرايل تحفن جي ماليت 27 ڪروڙ رپيا آهي. وزيراعظم کي اهي قيم??ي تحفا نار ملڪن جي دورن دوران مليا هئا. تحفن ۾ هيرن سان ٺهيل ٻه قيمتي گهڙيون به شامل آهن. هڪ گهڙيءَ جي ماليت 10 ڪروڙ ۽ ٻي جي قيمت 17 ڪروڙ ٻڌائي وئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب نار رياستن پاران وزيراعظم شهباز شريف کي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مهانگا تحفا ڏنا ويا جڏهن ته وزيراعظم گهڙيون، قيمتي قلم، مُنڊي، ڪف لنڪ (بٽڻ) ۽ خوشبو سميت س??ورا وڏي قيمت وارا تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. ذريعن موجب شهباز شريف پنجاب جي وڏي وزير طور پنهنجي 10 سالا دور ۾ ملندڙ سمورا غيرمل??ي تحفا توشه خانه ۾ جمع ڪرائيندو رهيو آهي.
وزيراعظم پاران قيمتي غيرملڪي تحفا ذاتي استعمال ۾ آڻڻ بدران توشه خانه ۾ جمع ڪرائڻ جي منفرد روايت ۽ مثال قائم، تحفا مستقل طور تي وزيراعظم هائوس ۾ رکيا ويندا
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ