اسلام آباد– 09 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير مريم اورنگزي?? ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس زبردست خر??ج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته علامه اقبال هڪ تاريخ ساز شاعر، عظيم فلسفي ۽ مفڪر هو، سندس فلسفو خودي پوري انسانيت جي لاءِ مشعل راهه آهي. پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته ڊاڪٽر علامه محمد اقبال خودي جو ولولا انگيز پيغام ڏئي ٻين تي دارومدار ڪ??ڻ بدران نوجوان نسل کي پنهنجي دنيا پاڻ پيدا ڪرڻ جو حڪيماڻو درس ڏنو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته قوم عظيم شاعر ۽ مفڪر ڊاڪٽر علامه محمد اقبال جي پيدائش جي ڏهاڙي تي کيس خر??ج عقيدت پيش ڪري ٿي. هن چيو ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ڪرڻو آهي ته علامه اقبال جي خواب کي حقيقت ۾ بدلائڻ جي لاءِ اسان اڳ کان به وڌيڪ ۽ سخت محنت ڪنداسين.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ لائیو