اسلام آباد – 26 – جولاءِ (اي پي پي) پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پر??يهي وزير سرگئي لاوروف جي وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو. پر??يهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ٻنهي پر??يهي وزيرن ٻطرفن معاملن ۽ مختلف شعبن ۾ وڌندڙ تعاون تي لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پر??يهي وزير پنهنجي روسي هم منصب کي پاڪستان جي دوري جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو. ٻنهي پر??يهي وزيرن بليڪ سي گرين انيشي ايٽو (بي ايس جي آئي) تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ان قدم جي اهميت کي تسليم ڪندي خوراڪ ??ي قيمتن ۾ اضافي ۽ غذائي تحفظ بابت چئلينجن ج?? سبب بڻجندڙ عالمي غذائي سپلائي چين ۾ رڪاوٽ تي ان جي امڪاني اثرن کي تسليم ڪندي عمل جوڳي حل ڳولڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن اسرندڙ ملڪن کي ان سان فائدو پهچي جيڪي اڳ ۾ ئي معاشي دٻاءُ ۾ آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته بي ايس جي آئي ۾ شامل سموريون ڌريون انيشي ايٽو کي بحال ڪرڻ جي لاءِ تعميري ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف رهنديون. ان حوالي سان پر??يهي وزير سمورين ڌرين جي خدشن کي ختم ڪندي معاهدي جي بحالي لاءِ عالمي ڪوششن جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پر??يهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي روسي هم منصب کي يوڪرين ۽ ترڪيءَ جي پر??يهي وزيرن، آمريڪي پر??يهي وزير ۽ يورپي يونين جي اعليٰ نمائندي سان بي ايس جي آئي تي ڳالهه ٻولهه کان آگاهه ڪيو. پر??يهي وزير سرگئي لاوروف ان معاملي تي روس جي موقف جو اظهار ڪيو. ٻنهي پر??يهي وزيرن ان معاملي تي ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ۽ روسي فيڊريشن جي پرڏيهي وزير سرگئي لاوروف ۾ ٽيليفونڪ رابطو
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن مفت