اسلام آباد- 02 نومبر (اي پي پي) ناڻي، محصولن ۽ اقتصادي معاملن واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو آهي ته گڏيل قومن جي ??زاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي. اها ??الهه ناڻي واري وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر گڏيل قومن جي اداري يو اين سي ٽي اي ڊي جي انتظام هيٺ جنيوا ۾ منعقد ڪانفرنس کي پنهنجي ??رچوئل خطاب ۾ چئي. ڪانفرنس جو موضوع ڊولپمينٽ فنانس فار 2030ع ايجنڊا: ماحولياتي طور تي محفوظ صنعتڪاري هو. پنهنجي اهم ??طاب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان هڪ ڀرپور ۽ پرجوش منصوبو جوڙيو آهي جنهن تحت ماحول کي نقصان پهچائيندڙ گئسن جي اخراج ?? 50 ??يڪڙو تائين گهٽتائي ??چي ويندي. هن چيو ته ماحولياتي لحاظ کان موزون صنعتڪاري لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان رهنما اصول به جاري ڪيا آهن. هن اسرندڙ ملڪن ۾ قرضن بابت مشڪلاتن جي خاتمي ۽ هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ جامع عالمي ڪوششن جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو.
هزاريه ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرفان جامع قدمن جي ضرورت آهي: ڊاڪٽر شمشاد اختر
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa