اسلام آباد-21 آگسٽ (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات واري ??فاقي وزير عبدالعليم خان چيو آهي ??ه خساري ??ارن ادارن جي نجڪاري ڪري ??لڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. جنهن ۾ وفاقي سيڪريٽري سميت بورڊ ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ادارن جي نجڪاري بابت اهم معاملن جي منظوري ۽ ڊسڪوز، پي آءِ اي ۽ ٻين ادارن جي نجڪاري جي معاملن تي غور ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن نجڪاري ??يندڙ ادارن لاءِ فنانشل ايڊوائيزرز جي مقرري ۽ ٻين فني معاملن تي اتفاق ڪيو. وفاقي وزير، نجڪاري ڪم??شن بورڊ جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته عالمي معيار وارن ادارن کان فنانشل ايڊوائيزرز جي شموليت سٺي ڳالهه آهي. اسان کي قومي مفاد ۾ بهتر کان بهتر ۽ ٺوس فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته قومي خزاني کي تمام گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ مالي دٻاءُ جي سٽ سهي نٿو سگهي، جيڪي ادارا به قاعدن ۽ ضابطن تي پورا له?? ٿا انهن کي نجڪاري جي عمل ۾ ضرور شامل ڪريو. نجڪاري ڪم??شن بورڊ ٻين معاملن کانسواءِ بورڊ جي گذريل اجلاس جي ڪارروائي جي منظوري ڏني، بورڊ کي نيويارڪ کان پي آءِ اي جي روز ويلٽ هوٽل جي فني معاملن ۽ مختلف امڪانن تي بريفنگ پڻ ڏني وئي.
خساري وارن ادارن جي نجڪاري ڪري ملڪي خزاني جي بار کي گهٽ ڪرڻو آهي: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : loteria de Minas Gerais